بکر فقير

بکر فقير: بکر فقير ذات جو پنهور هو، ڪن روايتن ۾ کيس لُنڊ فقير ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪي رودناڻي چون ٿا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو امير ڪبير ۽ مريد هو. ميان صاحب سان هميشه سفر ۾ هم رڪاب رهندو هو ۽ مخالفن خلاف عوامي انقلابي جٿن کي منظم ڪندو رهندو هو. عزيز ڪنگراڻي هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته:هڪ رات هڪ پيرسن عورت جو سامان ڪي شاهينگ چوري ڪري رهيا هئا ته اها عورت جاڳي پئي. هن دانهون ڪيون، دانهون ٻڌڻ تي بکر فقير ان عورت جي مدد لاءِ ڊوڙندو آيو ۽ چورن سان وڙهندي مارجي ويو. کيس ڳوٺ طالباڻي لنڊ کان اٽڪل ٻه ڪلو ميٽر اتر- اولهه ۾ دفنايو ويو. سندس دوست فقير مٿس مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. سندس نالي سان ڪاڇي ۾ بکر شهيد نالي هڪ ديهه پڻ آهي.


لفظ بکر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو